اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان شه??د محترمه جي 17هين ورسي تي سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شه??د محترمه نه صرف پاڪ??تا?? پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انساني ??قن لاءِ هڪ نئون مثال ??ائ?? ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪ??تا?? جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شه??د محترمه پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي مضبوط ڪيو ته جمهوريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سب?? ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن جي موقعي تي هي عهد ڪرڻو آهي ته شه??د محترمه جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪ??تا?? کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چيو ته اسان شه??د محترمه کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.