اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پارليامينٽ طرفان جاچ اِدارن جي قي??م جي حوالي سان قانونساز?? آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، صوبن ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ صوبن جو مينڊيٽ آهي، ان حوالي سان صدر مملڪت جون هدايتون به آهن، اسان ان حوالي سان احتياط ڪريون ٿا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ حنيف عباسي رٿ پيش ڪئي ته جديد علم ۽ ٽيڪنالاجيز بابت ويسٽ منسٽر يونيورسٽي بل 2024ع پيش ڪرڻ جي ??جا??ت ڏني وڃي، جڏهن ته ثمينه خالد گهرڪي طرفان اهو بل پيش ڪرڻ جي ??جا??ت ڏيڻ بابت رٿ پيش ڪئي وئي. جنهن تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير راءِ ڏني هئي ته صوبن ۾ يونيورسٽين جو قي??م صوبن جو آئيني حق آهي. پارليامينٽ طرفان جاچ ادارن جو قي??م آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، جڏهن ته صدر مملڪت پڻ ان حوالي سان هدايت نامو جاري ڪيو آهي ته وفاق ڪنهن به صوبي ۾ يونيورسٽيءَ جي قي??م جو بل آڻڻ کان پهريان حدن جو تعين ڪيو وڃي. بعد ۾ ميمبرن جي چوڻ تي اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.