اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي ت?? شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سوار محمد حسين شهيد کي ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سوار محمد حسين شهيد 1971ع ??ي جنگ دوران بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته سوار محمد حسين شهيد بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو، پوري قوم کيس بي مثال بهادر?? ۽ ??ب الوطني جي جذبي ت?? سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن ج?? قربانين جي معترف آه?? ۽ ??ها انهن کي ڪڏهن به نه وساريندي. صدر آصف علي زرداري سوار محمد حسين شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.