اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي قانونساز??، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ ا??م اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن جي عالمي منشور (يو ڊي ايڇ آر) کي اختيار ڪرڻ جي 76هين سالگرهه جي موقعي تي اڄ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان شامل آ??ي. ??ائب وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري جي انساني وقار جي احترام ۽ ان کي برقرار رکڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل عزم جي علامت آ??ي. ??ن چيو ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو عنوان ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ والاريل فلسطيني علائقن کان وٺي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تائين سڄي دنيا جي لکين ماڻهن جي لاءِ لاڳاپيل آهي جيڪي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد جاري رکي آهي ۽ اهي قبضي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو امتيازي قانونن، پاپولسٽ سياست ۽ زينو فوبڪ بيانيي جي ڪري ٿيو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ به هڪ چئلينج آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي قانونساز??، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ ا??م اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. ??ائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ ا??ساني حقن جي طريقيڪار سان تعميري طور تي مصروف عمل آ??ي. ??ن چيو ته ان ڏينهن پاڪستان نسل، مذهب، جنس يا قوميت کان هٽي ڪري سمورن ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.