اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان ??لس??يني عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو، عالمي برادري ??لس??ين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري، غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪئي وڃي. ??لس??يني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون ??لس??يني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ??لس??ين مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ ??لس??يني عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هي سال ??لس??ين جي تاريخ جو انتهائي ڪارو ترين سال رهيو آهي، تاريخ جا ڪڌا ترين ظلم ڪندي اسرائيل هيستائين 43000 معصوم ??لس??يني مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ??لس??يني عوام اسرائيل پاران حملن، منظم نسل ڪشيءَ ۽ تشدد جي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهي آهي، ??لس??ين ۾ اسرائيلي جارحيت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري غزه ۾ عالمي برادري پاران انساني امداد جون ڪوششون به بري طرح متاثر ٿيون آهن جنهن سان گهيري ۾ ورتل آبادي جي مصيبتن ۾ شدت آئي آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان عالمي برادري کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اها ??لس??ين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري. هن چيو ته شهرين، اسپتالن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملن کي روڪيو وڃي، ??لس??ينين جي لاءِ موڪليا ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ناقابل برداشت آهي، انهن سنگين جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي بي رحم خلاف ورزين جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي حوالي سان جيڪا ڇوٽ ڏني پئي وڃي، انهي بنياد تي اسرائيل غزه ?? لبنان ۾ وڌيڪ تباهي ڦهلائي آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ??لس??يني عوام جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار ??لس??يني ريفيوجيز ان دي نيئر ايسٽ (انروا) کي ??لس??يني پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فنڊنگ ۽ تحفظ جي حوالي سان عالمي برادري پاران سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان اسرائيل جي انروا جي اهم ڪم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ ??لس??يني عوام جي جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکنداسين جنهن جو اظهار انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پڻ پنهنجي تازي مشاورت?? راءِ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن موجب ??لس??ين مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ??لس??يني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو. وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني عوام پاران ??لس??يني عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان امن، وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ توهان جي جدوجهد ۾ توهان سان گڏ بيٺل رهنداسين.