اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) ب??لا??وس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ب??لا??وس جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اق??صادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. ب??لا??وس جي صدر سان گڏ ب??لا??وس جون اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ب??لا??وس جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو البم پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ع??اءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.