اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو ۾ جاري گڏيل قومن جي ڪاپ-29 اجلاس ۾ سومر تي پاڪستان پويلين تي 6 تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه وزيراعظم جي موسمياتي تبديليءَ بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ٻُڌائي. موسمياتي تبديلي و??ري و??ارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ واري و??ارت پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، فضائي گدلاڻ، برقي گاڏين، نوجوانن جو موسمياتي خطرن جي انتظام ۾ ڪردار ۽ موسمياتي سبز سيڙپڪاري تي پاڪستاني پويلين تي اڄ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هي تقريبون رومينه خورشيد عالم جي اڳواڻيءَ ۾ ترتيب ڏنيون پيون وڃ??. م??تلف ملڪن مان موسمياتي اڳواڻ، سياستدان، م??ڊي?? جا نمائندا، ??اگرد ۽ محقق تقريبن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.