اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ۽ 2 کي زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته فتنه الخوارج جي مڪروهه عزمن کي اهڙي طرح مٽي ۾ ملائينداسين، وزيرا??ظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.