اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پ??ڪس??ان ۾ يو اين وومن ۽ انٽرا ايجنسي جينڊر اينڊ ڊولپمينٽ گروپ (آءِ اين جي اي ڊي) جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پ??ڪس??ان ۾ صنفي مساوات ۽ عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي عزم کي وڌيڪ تقويت ڏيڻ آهي. ملاقات ۾ يو اين وومن جي ماريا هولٽسبرگ، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي اينڊريو بوڊن ۽ يورپي يونين جي جيرون وليمز کان علاوه عالمي نمائندا پڻ شريڪ هئا. انهن نمائندن وفا??ي وزير کي عالمي تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ پ??ڪس??ان ۾ مضبوط صنفي بنياد تي ڍانچي ۽ آگاهي پروگرامن جي جوڙجڪ ۾ بين الشعبن ۾ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان اعليٰ سطحي مڪالمي ۾ پ??ڪس??ان ۾ عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملين ۽ هدف وارن قدمن تي زور ڀريو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفا??ي وزير ان موقعي تي پ??ڪس??ان حڪومت طرفان عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ جي لڳاتار قدمن تي روشني وڌي جنهن ۾ آفيسن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ جو قانون ۽ عورتن جي ملڪيتن جي حقن کي لاڳو ڪرڻ جهڙا اهم قانون شامل آهن. انهن ڪوششن جو مقصد پ??ڪس??ان جي عالمي معاهدن جهڙوڪ عورتن خلاف هر قسم جي اڻبرابري جي سلوڪ جي خاتمي جي ڪنوينشن (سي اي ڊي اي ڊبليو) تحت ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ آهي جنهن سان عورتن لاءِ برابر موقعن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. وفا??ي وزير وڌيڪ چيو ته جامع ۽ شراڪتي طريقن جي اهميت کي تسليم ڪندي انساني حقن واري وزارت مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور تي شامل ڪري رهي آهي. صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي، جيڪا يو اين ايف پي اي ۽ پ??ڪس??ان جي اين جي او، روزن جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد معاشرتي تبديلي کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن تحت نقصانڪار صنفي تصورن کي چئلينج ڪيو وڃي ۽ تشدد خلاف مردن جي ذميواريءَ کي هٿي ڏني وڃي. ان کان علاوه عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي ترقي ۾ سندن ڪردار کي مستحڪم ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي.