اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چ??ڌر?? ۽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ پي جي اي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀر??ندي چيو آهي، ته عالمي امن ۽ ا??صا?? جي فراهمي ۾ پارلياماني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀر??ور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پاڪستاني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا. هو گذريل ڏينهن پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابرو ادار?? اي پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي اي جي ميمبر ۽ قانون ۽ ا??صا?? بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان هميشه عالمي ا??صا?? ۽ انساني حقن جي اصولن جو پاسبان رهيو آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀر??و. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جدوجهد عالمي ا??صا?? کي هٿي وٺائڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي اي جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چ??ڌر?? چيو ته پاڪستاني سياستدانن جو ڪردار عالمي امن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چ??ڌر?? چيو ته پاڪستان عالمي امن کي هٿي وٺائڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي ا??صا?? جي اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي اي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار رهيو آهي ۽ عالمي امن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي ا??صا??، امن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي ا??صا?? جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.