ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. عدالتي سڌارن لا??ِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لا??رز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي حوالي سان بلوچستان جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آئيني ترميمن لا??ِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 18هين ترميمن ۾ ججن جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ججن جي مقرري جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماضيءَ ۾ اسان کي چيو ويو ته ججن جي مقرريءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آئيني ترميم جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنهن لا??ِ اسان 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پنهنجي رولز ذريعي پارليا??ان?? ڪميٽي جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوبن جي سطح تي پڻ آئيني عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار آئيني عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوبن جي نمائندگي هجي ۽ عوام کي جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي. عدالتي سڌارن لا??ِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن زور ڀريو ته پارٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي لا??ِ ڪردار ادا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لا??ِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور موجب عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.