اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سي??ريٽريٽ گهرو وزارت جي سي??ريٽري کي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پ??رليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سي??ريٽريٽ موجب اسپيڪر ??ي قانون بابت صلاحڪار محمد مشتاق طرفان گهرو سي??ريٽري کي لکيل خط ۾ قومي اسيمبلي ??ي قاعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع ??ي قاعدي 108 جي ذيلي قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزير، اويس حيدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خان لاءِ پ??رليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.