اسلام آب??د – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ٻاهرئين ملڪ اق??صادي معاملن ۽ واپار وا??ن وزيرن جو 23هون اجلاس خميس ڏينهن 12 سيپٽمبر کان اسلام آب??د ۾ شروع ٿي ويو آهي. هتي پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ان اجلاس کان اڳ 10 کان 11 سيپٽمبر تي اسلام آب??د ۾ سينيئر عملدارن جي ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن جو مقصد شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي 23هين اجلاس ۾ اختيار ڪيل دستاويزن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو. هن چيو ته ٻن ڏينهن وارو وزارتي اجلاس شنگهائي تعاون تنظيم جو هڪ باقاعده ساليانو طريقيڪار آهي ۽ اسلام آب??د ۾ اڳتي ٿي??دڙ سربراهه اجلاس جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.