اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي، اص??ل پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ن??ڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق آهن. گذريل ڏينهن ب??باءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بصيرت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائداعظم جي مدبراڻي، اص??ل پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ن??ڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جتي هو پنهنجي رسمن، رواجن ۽ عقيدن مطابق مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهن. انهن خيالن جو اظهار هن ب??باءِ قوم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته باباءِ قوم جي زندگي اص??ل پسندي، جدوجهد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اص??لن جو عملي نمونو هئي. هن چيو ته قائداعظم اهڙي رياست جي قيام جو خواب ڏٺو هو جتي ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي بنيادن تي فوقيت حاصل نه هجي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اص??لن تي عمل پ??را ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هن وقت ملڪ کي جن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي پاڪستان جي باني جي رهنما اص??لن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل پ??را ٿي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس سونهري اص??لن تي عمل پ??را ٿي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪيون. هن سمورين سياسي پارٽين کي پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي ۽ سندس سونهري اص??لن تي عمل پ??را ٿيڻ ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائڻ جي دعا گهري.