اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ چيو آهي، ته ايندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آ??ر تائين پاسپورٽ جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌائي روزانو 55 کان 60 هزار ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران جي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ چيو ته 2004ع ۾ ان وقت جي ضرورتن مطابق مشينري ۽ سافٽ ويئر لڳايا ويا هئا، پر هاڻي پاسپورٽ جي گهرج وڌي روزانو 45 هزار ٿي چڪي آهي، ان کان علاوه مشينن جو تعداد به 20 کان وڌي 92 ٿي ويو آهي ۽ پاسپورٽ جون آفيسون به وڌي ويون آهن، انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مشينري ۽ جديد پرنٽرز امپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽينڊرز جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي آ??ر تائين هي سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. جنهن کان پوءِ روزانو 26 هزار بدران 55 کان 60 هزار پاسپورٽ تيار ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران طرفان اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني معاملن واري وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت ان معاملي تي فوري ايڪشن ورتو آهي، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي ها ته پوءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هجي ها. هن چيو ته سيپٽمبر جي آ??ر تائين اهي اوزار لڳائڻ شروع ٿي ويندا جنهن کان پوءِ پاسپورٽ جي پرنٽنگ جو تعداد به وڌي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مس ۽ ليمينيٽڊ پيپر جا مسئلا هئا، جن کي حل ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.