اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه تي تهران ۾ قاتلاڻي حملي جي شديد ??ذم?? ڪندي حملي جي نتيجي ۾ اسماعيل هانيه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ??ذم??ي بيان ۾ هن چيو ته اسماعيل هانيه تي حملو بربريت ۽ جارحيت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي ??از??ر گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ اسماعيل هانيه ۽ سندس خاندان جون قربان??ون وسارڻ جوڳ??ون ناهن. اهي قربان??ون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعيل هانيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماعيل هانيه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.