لاهور- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ (اڄ) 05 آگسٽ تي ڀارت پاران ڄمون ڪش??ير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف ۽ ڪش??يرين جي آزادي واري حق جي حمايت لاءِ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي، اي پي پي سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي سڪريٽري جنرل سيد حسن مرتضيٰ چيو ته مودي حڪومت جو ڪشمير تي طاقت جي بنياد تي قبضو عالمي ضمير جي منه?? تي چماٽ آهي، 05 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪندي پنهنجي آئين ۾ ترميم ڪئي ۽ ڪش??ير کي ڀارت جو حصو قرار ڏنو جنه?? تي گڏيل قومن کي قدم کڻڻ گهرجن ها پر سڄي دنيا خاموش رهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي نه صرف ان قبضي جي مذمت ڪري ٿي پر اسان صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪش??يرين جي آزادي جي حمايت ڪندي آزادي جي ان جدوجهد ۾ ڪش??يرين جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر نيلم جبار ۽ راحيله خادم حسين چيو ته ڪش??يري پاڪستان جو اهم حصو آهن ۽ ڪا به ترميم ڪش??يرين کي پاڪستان کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي دنيا کي ڪش??يرين جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو.