آست??نه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش ۽ گڏيل عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن. پنهنجي ايڪس اڪائونٽ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي وزير??عظ?? پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته آست??نه ۾ ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن سان خوشگوار ميٽنگ ٿي.
اسان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ا?? کانسواءِ اسان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ بحث ڪيو. وزير??عظ?? شهباز شريف آست??نه قازقستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پلس اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته هن اجلاس کان اڳ سائيڊ لائين ملاقاتن ۾ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.