??سل??م آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌمت جي باني گوتم ٻڌ سان منسوب ڏڻ ويساڪ ج?? موقعي تي سڄي دنيا ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ويساڪ ج?? ڏينهن جي موقعي تي ٻڌمت م??هب جي پيروڪار دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيون ٿا. هي ڏينهن سڀني جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي آڻي. وزيراعظم چيو ته اچو پن??نجي گڏيل ورثي کي اجاگر ڪريون ۽ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم جي لاءِ ڪوششون جاري رکون.