اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپار کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي حوالي سان فوري ??دم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واپار ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ وقت نجي شعبي سان مشاورت کي يقيني بڻايو ??ڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي قيادت هيٺ واپار جي شعبي جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان کي اهڙي واپاري ??اليسي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ڪاروبار ۾ آسانيون ۽ سهولت ٿئي. هن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي واپار کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي حوالي سان فوري ??دم کنيا وڃن، غيرروايتي شين جي برآمدات جي حوالي سان قدم کنيا وڃن، واپار ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ وقت نجي شعبي سام مشاورت کي يقيني بڻايو ??ڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ۾ نجي شعبي ۽ صنعت جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برآمد ڪندڙن جي تصديق ٿيل ڊي??ٽي ڊرا بيڪس فوري ادا ڪيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ملڪي آٽو سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ ڊي??يشن پاليسي تي عملدرآمد ڪيو ??ڃي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ٽريڊ آفيسرن جي پذيرائي ٿيندي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کان سخت پُڇاڻو ۽ انهن کي عهدن تان هٽايو ??يندو. وزيراعظم چيو ته هو پاڻ هر مهيني ٻه ڀيرا برآمدي شعبي جو جائزو وٺندو. اجلاس کي واپاري ۽ برآمدي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ??يو ته پاڪستان ۽ نار ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري ??عاهدي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلن ۾ آهي، ازبڪستان ۽ تاجڪستان سان واپاري ??نگهه جا معاهدا فعال ٿي چڪا آهن جن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته اسلام آباد ۾ تازي پاڪ – سعودي بزنس ڪانفرنس ۾ 450 بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ٿيون، اي ڪامرس جي ڪاٿي ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ٽريڊ پورٽل تي 3 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين کي شامل ڪيو ??يو آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ نگراني جو عمل سخت ڪيو ??يو آهي، پبلڪ سيڪٽر انشورنس ڪمپنيز جي پريميئم گروٿ ڊبل ڊيجٽ ۾ آهي، جيم (Gem) ايڪسپورٽ فريم ورڪ تي ڪم حتمي مرحلن ۾ آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته ايران ۽ روس سان بارٽر ٽريڊ آپريشنلائيزين جي حوالي سان ٻنهي ملڪن اصولي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي، آذربائيجان ۽ افغانستان سان پريفرينشيل واپاري ??عاهدي جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، نئين اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي جي حوالي سان ضروري ??شاورت ڪئي پئي وڃي، صنعتي ترقي جي لاءِ ٽيڪنالاجي اينڊ اينوويشن فنڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان ضروري ??انونسازي ڪئي پئي وڃي.