اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ چيو آ??ي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وز??ر بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاق??ت ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ملاق??ت ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وز??ر هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار سان ملاق??ت ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وز??ر واپار، واري وز??ر، نجڪاري واري وز??ر ۽ مواصلات واري وز??ر کانسواءِ قومي غ??ائ?? تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر سان پڻ گڏيل ملاق??ت ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آ??ي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.