اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? وفاقي وزيرن سان گڏ نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزيراعظ?? کي پاڪ بحريه جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد?? جي يادگار تي گل?? جي چادر چاڙهي ۽ بعد ?? نيول هيڊڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران علائقائي سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر وزيراعظ?? کي پاڪ بحريه جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ?? ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پاڪ بحريه کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي ردعمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظ?? کي خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضرورتن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائيم سيڪٽر جي معاشي امڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محدود وسيل?? جي باوجود ملڪ جي سامونڊي مفاد?? جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي خدمتن کي ساراهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي تازي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پاڪ بحريه جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. نيول چيف وزيراعظم جي دوري ۽ بحريه تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هني قين ڏياريو ته پاڪ بحريه ا??له سبحان ا??له تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.