برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير محمد اسحاق ڊا?? برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊا??ريڪٽر جنرل رافيل ماري??نو گروسي سان ملاقات ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پ??ڏي??ي وزير ا??ٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توانائي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پا??ستان ايجنسي جي ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پ??ڏي??ي وزير موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو وڌائڻ جي پا??ستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي فني تعاون جي ڪم جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پا??ستان به اهم ڪردار ا??ا ڪري رهيو آهي. پ??ڏي??ي وزير محمد اسحاق ڊا?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توانائي جي اهميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊا??ريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ايجنسي سان پا??ستان جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايشيا ۾ پا??ستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊا??ريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پا??ستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پا??ستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي ميدان ۾ پا??ستان جي ترقي جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.