اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻي سياسي پارٽي ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقانو??ي قرار ڏي?? جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانو??ي قرار ڏني ويندڙ ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏي??و پئجي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀارتي جيل ۾ بند آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظه??ر راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪشميري پارٽين تان پابنديون ف??ري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ف??ري عملدرآمد ڪري. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.