اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 14 ملڪن مان ميڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي ??حافين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن، 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي ميڊيا هائوسز جي نمائندن جي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواست??ن ملي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت پاران غيرملڪي مبصرن ۽ صحافين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيُون وينديُون. اها ڳالهه هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر طارق محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ به موجود هئا. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي ??حافين ۽ مبصرن جون درخواستون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي پر ان تاريخ کانپوءِ به غيرملڪي ??حافين ۽ مبصرن جون درخواست??ن ملي رهيون آهن. هن چيو ته هيستائين غيرملڪي ??حافين کي 49 ويزا جاري ڪي?? ويا آهن، جڏهن ته 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي مان به اٽڪل 24 درخواست??ن مليون آهن جيڪي ??مل جي مرحلي ۾ آهن، مجموعي طور تي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران 174 درخواست??ن مليون آهن، ان کانسواءِ غيرصحافي ڪيٽيگري مان رڳو برطانيا مان غيرملڪي مبصرن جي 25 درخواستن تي ڪم جاري آهي. اهڙي طرح رشين فيڊريشن پاران 8، جاپان مان 13 درخواستون غور هيٺ آهن. جڏهن ته ڪئناڊا مان پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن، ڏکڻ آفريقا مان ٻن مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخواست??ن مليون آهن، جن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ 6065 صحافين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ڏن?? ويا آهن جن ۾ لاهور مان 1200، ڪراچي مان 1470، پشاور مان 1050، ڪوئيٽا مان 600، حيدرآباد مان 355، فيصل آباد مان 255 ۽ ملتان مان 290 صحافي شامل آهن. هن چيو ته عالمي صحافين ۽ مبصرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي لاءِ اجازتناما ورتا آهن. انهن ٽن وڏن شهرن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو غيرملڪي ??حافي ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته 20 جنوري جي تاريخ گذري وڃڻ جي باوجود اڃا به اليڪشن ڪميشن ۽ اط??اعات واري وزارت جا لاڳاپيل ادارا انهن درخواستن تي غور ڪري رهيا آهن. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪري، غيرملڪي ??حافين ۽ مبصرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 14 ملڪن مان 81 درخواست??ن مليون، جن مان 49 غيرملڪي ??حافين کي ويزا جاري ڪي?? ويا آهن. جڏهن ته باقي درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته 174 صحافين اڳ ۾ ئي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊن جي لاءِ درخواستون ڏئي رکيون هيون جيڪي پاڪستان ۾ موجود فارن ميڊيا هائوسز جي لاءِ پاڪستان ۾ ويهي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق جاري ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ موجود صحافين ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ صحافين سان اهو ضابطه اخلاق شيئر به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته غيرملڪي ??حافي جڏهن پاڪستان ايندا ته انهن کي اي سي پي کان ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ وٺي ڏنا ويندا. هن چيو ته غيرملڪي مبصرن جو انگ 55 آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غيرملڪي ??حافين جي سهولت لاءِ پي آءِ ڊي ۾ اليڪشن سيل قائم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ به اليڪشن سيل 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو، جيڪو صحافين کي سهولتون فراهم ڪندو.