اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) انٽيلي ??نس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي فني ضمني گرانٽ جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وزير محمد س??يع سعيد، رٿابندي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، قانون واري وزير احمد عرفان اسلم، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار وقار مسعود، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر آفي??رن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال دوران انٽلي??نس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي اضافي فنڊن جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. انٽيلي??نس بيورو طرفان ڪميٽي کي دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا جوابي قدم ضروري آهن. ڪميٽي آءِ بي جي اپ گريڊيشن، فني بهتري ۽ بيورو جي سرگرمين لاءِ ضروري بنياد تي فني ضمني گرانٽ جي صورت ۾ فنڊن جي فراهمي جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل يوريا سان گڏ ٻاهران گهرايل يوريا جي باسڪٽ پرائس ۽ وڪري جي طريقيڪار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي ويٽڊ اوسط قيمت جي ??نظ??ري ڏيندي نيشنل فرٽيلائيزر مينوفيچڪرنگ لميٽيڊ ڪمپني کي قيمتون مناسب رکڻ جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار وزارت کي سڄي عمل جي نگراني جي هدايت ڪئي. اي سي سي قومي صحت واري وزارت جي سمري تي في??رل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائيزيشن لاءِ 3568.56 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي. اي سي سي صوبن کي التوا ۾ پيل رهتون ڪليئر ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ سبسڊي گرانٽ ايگريمينٽ (ايس جي اي) جي ضميمه تي صحيحن بابت ناڻي واري وزارت جي سمري جي ??نظ??ري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سمري تي 100 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي ??نظ??ري ڏني وئي. اها گرانٽ پاڪستان هاڪي ٽيم جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت ۽ راندين جي ٻين سرگرمين سميت ڀارت سان ڊيوس ڪپ ۽ شطرنج جي مقابلن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي.