اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪو به ??نسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، خصوصي ماڻهو به وو?? جو حق رکن ٿا، سياسي پ??رٽ??ن کي چونڊ منشور ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ خصوصي ماڻهن جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪو به ??نسان معذور نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، جيڪي ماڻهو اکين کان ڏسي نه ٿا سگهن اهي دل جي روشني سان تمام گهڻو ڪجهه ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي معاشري جي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو ڇو ته سمورن ماڻهن کي برابر حق حاصل آهن. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته آمريڪا جي هر رستي ۽ چوڪ تي رستن جي تعمير جي اندر اهڙي طرح سان ڪٽ هنيو وڃي ٿو جو ڪو ماڻهو وهيل چيئر تي آساني سان گذري سگهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ انهن شين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ قانونسازي چونڊيل نمائندا ڪندا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ خصوصي ماڻهن جي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، وڏيون سياسي پ??رٽ??ون منشورسازي ۾ مصروف آهن ۽ اهي نقطن جي صورت ۾ پنهنجا پروگرام ڏئي رهيون آهن. سياسي پ??رٽ??ن کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قدمن کي پنهنجي منشور ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن وٽ وو?? جو حق آهي، اهي سياسي پ??رٽ??ن جي قيادت آڏو پنهنجا جائز م??البا پيش ڪن ۽ انهن پ??رٽ??ن کي ووٽ ڏين جيڪي انهن جا مطالبا پورا ڪن.