اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسرت عالم بٽ جي قيادت ۾ مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنج سالن جي لاءِ پابندي هڻڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ڀارت پاران عالمي اصولن جي توهين آه??. ممتاز زهره بلوچ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين ۽ ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون لڳائي رکيون آه??. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ايندڙ سال ڀارت سان لاڳاپن جي بحالي جا ڪي امڪان آه??، ترجمان چيو ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آه??. جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ڀارت سان ڳالهه ٻولهه رڳو برابري، احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ترجيحي مسئلي طور تي بحث هيٺ آڻڻ جي بنياد تي ٿي سگهي ٿي. نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي جلد هڪ آزاد واپاري معاهدو ڪندا جيڪو جي سي سي پاران ڪنهن به ملڪ سان اهڙي قسم جو پهريون معاهدو هوندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آه??، جلد معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آه?? ته ڀارت پاڪستان کان لشڪر طيبه جي باني حافظ سعيد کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آه??. هن چيو ته اها قياص آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۾ ڪجهه غيرملڪي مشنز پاران بلوچ مظاهرين جي حوالي سان تبصرن کي مداخلت قرار ڏنو ۽ ان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ پنهنجي اندروني معاملن کي سنڀالڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو آئين پ??هنجي شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اهڙن معاملن کي اندروني طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ قانون موجود آه??. ترجمان جو اهو بيان ناروي جي سفارتخاني ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير جي تازي ٽوئيٽس تي هڪ سوال جي جواب ۾ آيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين سان مبينا ??ڻو??ندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ غيرملڪي سفارتخانن جي مداخلت افسوسناڪ آه??. هن چيو ته پاڪستان پ??هنجي عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آه??. ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جون عدالتون خودمختيار آه?? ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ان حوالي سان فيصلا ڪري چڪيون آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين ۽ سفارتڪاري جي شعبي ۾ پرڏيهي وزارت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن جو ساليانو جائزو پڻ پيش ڪيو.