دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هي?? ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪو?? – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپو سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپو سٽي اچڻ تي نگران وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگران وزيراعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگران وزيراعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وزيراعظمن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم زيد سسٽين ??يب??ٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي به ڪو?? – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.