اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ انساني حقن واري وزير خليل جارج غزه جي ??وام جي لاءِ پاڪستان مان امدا??ي سامان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب امدا??ي سامان جي ??وانگي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ اسلام آباد ۾ فلسطيني سفير احمد جواد ربيع، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي خطاب ڪندي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ?? اسرائيل پاران غزه ۾ گهيريل عورتن، ٻارن سميت شهرين جي ??لاف طاقت جي وحشياڻي غيرمتناسب ۽ انڌاڌنڌ استعمال جي مذمت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير اسرائيلي جارحيت جي فوري ??اتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي فوري ??رورت تي زور ڏنو. هن انصاف ۽ انسانيت جي ??صولن کي برقرار رکڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. کيپ ۾ صحت جي ??فاظت واريون ڪٽس، دوائون ۽ فوڊ پيڪيٽس شامل آهن. غزه جي ??وام لاءِ پاڪستان مان امدا??ي سامان جي پهرين کيپ 19 آڪٽوبر 2023ع تي موڪلي وئي هئي.