اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي مسلسل ۽ انڌاڌنڌ بمباري، غزه جو غيرانس??ني گهيراءُ ۽ شهري ??دف بشمول پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن تي ڄاڻي واڻي حملن هڪ ناقابل قبول انس??ني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 3 هفتن کان فلسطينين جو قتل عام جاري آهي جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن، اهي جنگي ڏوهه اسرائيلي قابض فوج مڪمل ڇوٽ سان ڪري رهي آهي ڇو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان پاڪست??ني عوام جي جذبن جي ترجم??ني ڪئي ۽ والاريل غزه ۾ ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي انسانيت سوز ڏوهن جي شديد مذمت ڪئي. سينيٽ فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل فلسطين ۾ ظلمن جي خاتمي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي گذريل هفتي جي قرارداد فلسطين جي صورتحال تي وڌندڙ عالمي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اها غزه ۾ قتل عام جي جلد خاتمي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن کي غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي حفاظت ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي ??اء?? بنا رڪاوٽ امدادي سامان جي فراهمي جي ??اء?? انس??ني همدرديءَ جي لنگهن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.