اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتر?? لاءِ قدم کڻي ره?? آهي، ??وادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گوادر بندرگاهه جي ترقي ج?? لاءِ اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرنگ ا??جنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوادر شپنگ ڪليئرنگ ا??جنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال بڻائڻ ج?? لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گوادر بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتر?? لاءِ قدم کڻي ره?? آهي، ??وادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بندرگاهه جي ترقي ج?? لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني وڃي، ??وادر ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح ت?? لاڳو معيار موجب مڇيءَ جهلڻ جي طريقيڪار ج?? لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، ??وادر تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وفد نگران وزيراعظم کي شپنگ ڪليئرنگ ا??جنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وفد نگران وزيراعظم کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي ساراهيو.