اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان ڪيپيٽل يونين آف جرنلسٽس (سي يو جي) جي وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس اخبارن ۽ صحافين جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. جاري ??ڌرائي موجب وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اخبارن ۽ صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. وفد پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان کي ٻڌايو ته پبلشرن ۾ ڪيترائي نان پروفيشنل ماڻهو شامل ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري ??سئلا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊمي اخبارون به هڪ مسئلو آهي جڏهن ته ننڍين اخبارن جي ڪارڪردگي تي ??نه?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ڊمي اخبارن جي خلاف منظم طريقيڪار اختيار ڪرڻ سميت اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. وف?? ۾ ??لام فريد انجم، ذڪي ڊوگر، رائو اح??ان?? سردار فياض انجم، محمد مقصود، حاجي دائود ۽ نعيم روحاني ۽ ٻيا شامل هئا.