??سل??م آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم زي?? سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو ??ظهار ڪندي چيو ??ه ايم زي?? سهيل جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو ??ثاثو هو. هن چيو ته مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ??ه الله ??عاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.