نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 5 اهم شعبن خوراڪ جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قدم اڻٽر آهن، ايس ڊي ??يز تي اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن بحرانن جي ڪري تمام وڏا ڌچڪا لڳا آهن، چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي ??ئي) تعاون جي نتيجن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جي ڊي ??ئي جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع ت?? ڏني هئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي ??يز) جي حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن ئي بحرانن جي ڪري شديد ڌچڪا لڳا آهن. هن جي ڊي ??ئي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ سان حاصل ٿيندڙ سنگ ميل کي ساراهيو. نگران وزيراعظم زور ڏنو ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ پاڪستان چين اقتصادي لنگهه ايس ڊي ??يز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. هن 5 اهم شعبن ۾ قدمن جي ضرورت تي روشني وڌي. انهن شعبن ۾ خوراڪ جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ شامل آهن. نگران وزيراعظم ترقياتي عمل جي سڀني سطحن تي مناسب سيڙپڪاري جي ضرورت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ۽ صدر شي جن پنگ طرفان جي ڊي ??ئي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 10 ارب ڊالر جو هڪ ٻيو فنڊ قائم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين گروپ آف فرينڊز آف جي ڊي ??ئي جي ٻين ميمبرن سان گڏجي پنهنجي تعاون کي وڌائڻ جو منتظر آهي ته ج??ئن ايس ڊي ??يز تي عملدرآمد جي لاءِ ان جي اجتماعي خواهش کي پورو ڪري سگهجي. تقريب ۾ چين جي نائب صدر هان زينگ، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن خطاب ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي ??ئي تعاون تي هڪ وڊيو بريفنگ ۽ پريزنٽيشن پڻ پيش ڪئي وئي.