اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آه?? ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي سيڪيورٽي بابت خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي سياست سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آه?? جنهن بار بار ??نه??جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي سياست ڪئي آه??. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گهربل شائستگي، مڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي با??ت اسان جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ??ائ??نسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.