اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان يونان جي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پا??ستان جون ڪوششون جاري رهنديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان واقعي ۾ ڪيترن ئي پا??ستانين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان جون دليون سمورن متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. ترجمان چيو ته اسان ميڊيا کي ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي. 104 زندهه بچي ويندڙن ۾ 12 پا??ستاني شهري به شامل آهن ۽ اهي سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان مارجي ويل ۽ گم ٿي ويل پا??ستانين جي شهرين جي انگ ۽ سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻ کان قاصر رهيا آهيون. يوناني عملدارن 84 لاش درآمد ڪيا آهن، انهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ميچنگ جي ذريعي ٿيندي. ترجمان چيو ته لاڳاپيل عملدار جهاز ۾ موجود شڪي ماڻهن جي گهرڀاتين کان ڊي اين اي جا نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي ??وناني عملدارن کي ڏيندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته يونان ۾ پا??ستاني مشن ۾ سفير عمار آفتاب ۽ ان جي ٽيم گم ٿي ويل يا فوت ٿيندڙ پا??ستان جي شهرين جي ڳولا ۽ انهن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري پنهنج?? يوناني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان چيو ته ان ڏس ۾ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.