اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) حڪومت پاڪستان جي معاشي بحالي جو قومي پلان تيار ڪري ورتو آهي، پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪ??ي وئي آهي، منصوبي تحت زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، کاڻ کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ زرعي پيداوار جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي اصل صلاحيت مان فائدو کنيو ويندو، ”هڪ حڪومت“ ۽ ”گڏيل حڪومت“ جي تصور کي فروغ ڏنو ويندو، اها ڪائونسل سيڙ??ڪا??ن ۽ سيڙ??ڪا??ي ۾ سهولت جي لاءِ ”سنگل ونڊو“ جي سهولت جو ڪردار ادا ڪندي، منصوبي تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري عمل پيدا ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حڪومت پاڪستان اعليٰ سطحي جي اجلاس ۾ اڄ پاڪستان جي ”معاشي بحالي“ جي ٺوس حڪمت عملي جاري ڪري ڇڏي آهي. ”اڪنامڪ ريوائيول پلان“ جي عنوان سان تيار ڪيل ان قومي حڪمت عملي جو مقصد پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي مسئلن ۽ بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي جي راهه هموار ڪرڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ”اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلي ٽيشن ڪائونسل“ (ايس آئي ايف سي) جي پهرين اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبا??ي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. منصوبي تحت زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، کاڻ کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ زرعي پيداوار جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي اصل صلاحيت مان فائدو کنيو ويندو. منصوبي تحت انهن شعبن جي ذريعي پاڪستان جي مقامي پيداواري صلاحيت ۽ دوست ملڪن سان سيڙ??ڪا??ي وڌا??ي ويندي. منصوبي تحت ”هڪ حڪومت“ ۽ ”گڏيل حڪومت“ جي تصور کي فروغ ڏنو ويندو ته جيئن سيڙ??ڪا??ي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪي??ن وڃن. ان منصوبي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ٺاهي وئي آهي جيڪا سيڙ??ڪا??ن ۽ سيڙ??ڪا??ي ۾ سهولت جي لاءِ ”سنگل ونڊو“ جي سهولت جو ڪردار ادا ڪندي. منصوبي تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري عمل پيدا ڪيو ويندو. ڊگهي ۽ ڏکيائي جو ??بب بڻجندڙ آفيس طريقيڪار ۽ ضابطن ۾ گهٽتائي آندي ويند. تعاون ۽ حصيداري عمل جو ??ريقيڪار اختيار ڪيو ويندو. سيڙ??ڪا??ي ۽ منصوبن با??ت وقت سر فيصلاسازي يقيني بڻا??ي ويندي جڏهن ته وقت جي واضح تعين سان گڏ منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي آندي ويندي ته جيئن هڪ ئي معاملي تي ٻٽي ڪوششن جي رجحان جو ??اتمو ٿئي. وفاق ۽ صوبن جي اعليٰ سطح شرڪت سمورين مشڪلاتن جي باوجود معآسي بحالي جي قومي عزم جو واضح اظهار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف يقين ڏياريو ته معاشي بحالي جي حڪومت جي پلان تي عملدرآمد جي ڪوششن جي پاڪستان آرمي ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ ان کي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو ??ائز مقام واپس حاصل ڪرڻ جي بنياد سمجهي ٿي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته موجوده حڪومت کي ورثي ۾ تباهي جي ڪناري تي بيٺل معيشت ملي جنهن کي مشڪل ۽ بهادراڻي فيصلن جي ذريعي بحرانن مان ڪڍي تعمير ۽ ترقي طرف واپس آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته اڃا تمام وڏا چئلينجز اسان جي سامهون آهن، معاشي بحالي جي لاءِ روانگي واپار وڌائيندڙ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي اهميت رکي ٿي تنهن ڪري حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گڏيل سوچ اختيار ڪندي موثر عملدرآمد جي لاءِ وفاق ۽ صوبن ۾ حصيداري جو ??نداز اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙ??ڪا??ن کي اولين ترجيح ڏني ويندي ۽ حصيداري عمل جي ذريعي منصوبن با??ت منظوري جو ??مل تيز بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته متوقع سيڙ??ڪا??ي سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، نوجوانن ۽ عورتن کي روزگار ملندو، ترقي جا نوان امڪان ڏينداسين، اسان جو ڌيان نوجوانن ۽ عورتن کي پنهنجي صلاحيتن جي ڀرپور اظهار جي قابل بڻائڻ آهي، انهن کي با??ختيار بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اچو گڏجي پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪرڻ جو ??زم ڪريون ۽ پنهنجو ڌيان ڀٽڪڻ نه ڏيون، اسان پاڪستان ۽ عوام جو مقدر بدلائي سگهون ٿا، پر ان جي لاءِ اسان کي مسلسل ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي ۽ رخ برقرار رکندي ملڪ ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن رکڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام جو ??ق آهي ته انهن کي معاشي ترقي ۽ خوشحالي سان هڪمار ڪيو وڃي، اها اسان سڀني جي ذميواري آهي جن کي الله تعاليٰ اهو فرض ڏنو آهي.