اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪ??ٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طوفان ڪراچي کان ا??ڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪ??ل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتا?? اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪ??اڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ڪ??اڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو امڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ا?? جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طوفا?? طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.