اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکيو آه?? جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ما?? عمران خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آه?? ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آه?? ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاثن کي په??ند?? نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آه??ان، آئين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي آئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿ??، ملڪ هڪ مشڪل دور ما?? گذري رهيو آه??، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.