اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت کي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي ??اء?? گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊ??ڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ان ??هم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت ??ڄي دنيا جي ??هم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت کي دنيا ۾ مضبوط بڻائڻ ??اء?? ڪردار ادا ڪنداسين، اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي ??اء?? گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ڪنوينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي ??اء?? بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي ??اء?? بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن ??اء?? آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ويندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ويندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ ??اء?? قدم کنيا ويندا.