اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هو??دا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخ??ني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رب??ني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخ??ني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.