اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور استاد، ڊراما نگار ۽ شاعر فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاش??ي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شعيب هاش??ي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم پي ٽ?? وي جي شروعاتي دور جي پروگرامن جو خالق هو. شعيب هاش??ي جا پي ٽ?? وي پروگرام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وف??قي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.