اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس III ۽ م??ڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هف??ي برطانيا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي ??ي برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪ??تا?? ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا متحرڪ پاڪ??تا??ي – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان برطانوي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي پاڪ??تا?? ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ پاڪ??تا?? ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.