اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي هڪ فعال ميمبر طور تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جي ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام ڀارت جي ميزباني ۾ 3 اپريل تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ثقافت وارن وزيرن جي اجلاس ?? ورچوئل شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته انجنيئر امير مقام اجلاس ?? پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ تحت ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي هڪ فعال ميمبر طور شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جاري رکندو ۽ ان جي نتيجن ۾ مسلسل تعاون ڪندو رهندو.