اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪوئنڪا چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان جو هڪ وڏو ڪاروباري حصيدار آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي پارلياماني ادارن سان تعا??ن جاري رهندو، اميد آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال قان??ن جي حڪمراني، انساني حقن ۽ ميڊيا جي آزادي سميت جمهوري عمل ??ڪمل ??يندو. سينيٽ جي 50 سالا تقريبن جي ٻي ڏينهن ??ميٽي آف دي هول کي خطاب ڪندي هن ??يو ته چونڊيل ماڻهو عوام جي طاقت جا عڪاس هوندا آهن. هو گڊ گورننس ۽ قان??ن جي حڪمراني جا ذميوار هوندا آهن، هي چونڊيل نمائندا پنهنجي عدليه جي سامه??ن جوابده هوندا آهن، هي اصول جتي عوام لاءِ اصول جوڙيندا آهن اتي پارليامينٽ لاءِ به اصول جوڙيندا آهن. يورپي يونين ۾ جمهوريت جي وڏو انگ آهي، تازي يورپي يونين جو?? چونڊون دنيا ۾ ٻي وڏي جمهوري مشق آهي، پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي جتي قومي مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو آهي، پارليامينٽ چيڪ اينڊ بلينس ذريعي حڪومتن کي جوابده رکي ٿي ۽ قانونسازي ۾ تسلسل جي ضمامت آهن. پاڪستان ۽ يورپي يونين جا 60 سالن کان لاڳاپا آهن، 2014ع کان پاڪستان جي ايس پي پلس مان فائدو کڻي رهيو آهي ۽80 سيڪڙو پاڪستان جي ايڪسپورٽ يورپي يونين ۾ مفت ايندي آهي، يورپي يونين پاڪستان جو هڪ وڏو ڪاروباري حصيدار آهي.