اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته پنهنجي ذهني صلاحيتن کي نکارين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪن، ملڪ کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ دانشوراڻي وسيلن، آءِ ٽي جي ڄاڻ ۽ هنر کي بهتر بڻائڻ ضروري آ??ي. ??و ڪيڊٽ ڪاليج جعفر آباد بلوچستان جي شاگردن ۽ ع??لي سان ڳالهائي رهيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته قومن سائنس ۽ تعليم تي ڌيان ڏئي ترقي ڪئي آ??ي. ??ن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته 22 ملين ٻار اسڪولنک ان ٻاهر آهن جڏهن ته خطي جي ملڪن پرائمري انرولمنٽ جي شرح اٽڪل 100 سيڪڙو حاصل ڪري ورتي آ??ي. ??ن چيو ته انهن ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آ??ي. ??ن ملڪ جي معاشي صحت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نوجوانن کي هنر ۽ تعليم سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي قدرتي ۽ انساني وسيلن ٻنهي جي لحاظ کان وڏي صلاحيت رکي ٿو جنهن کي ملڪ جي ترقي جي لاءِ مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آ??ي. ??ن چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ صوبي کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊيمن ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته شاگردن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ انٽرنيٽ آف ٿنگز، روبوٽڪس، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي تربيت ڏني وڃي، جنهن جو زندگي جي هر شعبي ۾ وڏي ضرورت آ??ي. ??ن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪن. صدر کي ٻڌايو ويو ته ڪيڊٽ ڪاليج جعفر آباد جو قيام 5 مارچ 2009ع تي عمل ۾ آيو، ڪاليج ۾ ستين کان ٻارهين درجي تائين ڪلاسز ٿين ٿيون. ڪاليج مان هيستائين ٻارهين درجي جون 8 انٽريز (اٽڪل 570) پاس آئوٽ ٿي چڪا آهن.