اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قطر ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪا??فر??س ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت، قطر جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪا??فر??س 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ??رتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي متحرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ڪا??فر??س ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪا??فر??س ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي معاونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ??ٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سال 2022ع دوران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان ايل ??ي سيز جي امداد جي حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻايو. اهو ئي سبب آهي ته قطر ۾ ڪا??فر??س منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن تحت ٿي رهيو آهي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ڪا??فر??س ۾ شرڪت سان گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پاڪستان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ??ي سيز جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ايجنڊا تحت اثرائتي عالمي شراڪتداري جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.