اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجي ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، نجڪاري کانپوءِ ڪراچي ??لي??ٽرڪ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪراچي ??لي??ٽرڪ جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪراچي ??لي??ٽرڪ جي سيڙپڪاري کي انرجي سيڪٽر خاص طور تي شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيند?? هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ??لي??ٽرڪ کي درپيش سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان نجي ۽ عالمي ڪمپنين کي مان کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت قابل تجديد خاص طور تي توانائي جي ذخيرن سان بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي ??لي??ٽرڪ جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ڪليڪشن ۾ بهتري آئي آهي جيڪو باقي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي لاءِ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وزيراعظم جي خاص ??عا??ن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آف??سرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي ??لي??ٽرڪ جي وفد ۾ شيخ عبدالعزيز حمد الجوميه، شان عباس، نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪراچي ??لي??ٽرڪ، سيد مونس عبدالله علوي، چيف ايگزيڪيوٽو آف??سر ڪراچي ??لي??ٽرڪ ۽ عمران حسين قريسي چيف ريگيوليٽري آف??سر ڪراچي ??لي??ٽرڪ شامل هئا.