اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي ڀا??رن، ڀينرن ۽ ٻارن جون زلزلي جي تب??هي دوران زندگيون بچائيندڙ قوم جي بهادر ۽ فرض شناس فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ترڪيه ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وطن واپس ايندڙ ريسڪيو 1122 ج?? دستي جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته قوم جي انهن بهادر ۽ فرض شناس فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ترڪيه جي ڀينرن، ڀا??رن ۽ ٻارن جون زلزلي جي تب??هي دوران زندگيون بچايون. هن چيو ته انهن اهلڪارن ڏين??ن رات انسانيت جي جذبي سان ڪم ڪيو. ترڪيه ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ تي ريسڪيو 1122 ج?? دستي جي وطن واپسي جو قابل فخر ۽ روح پروڙ نظارو آهي.